اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سست?? ۽ ??وري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون واري وزير، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني ج??رل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌ??رن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي ج??هن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي ج?? لاءِ ڪيل قانوني سڌ??رن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني ج??رل خالد جاويد خان، قانون واري پارلياماني سيڪريٽري ملائيڪا علي بخار?? ۽ ??ين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.