اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عز?? کي ورجايو آهي ته هڪ طرف عوام کي ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا قو??ي رابطا ڪميٽي جي فو?? سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قو??ي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدار?? ۾ ??فاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊ??ا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ڪرونا جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا وائرس کان بچڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.