لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلوبل پور??ل جاري ڪرڻ سان پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي ?? انهن جو پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيندو، سمنڊ پار پاڪستانين کي جيستائين محفوظ ماحول فراهم نه ٿيندو اهي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا، معيشت جي ترقي امن ۽ امان جي بهتر صورتحال ۽ قانون جي عملداري سان ڳنڍيل آهي، دولت ??ي پيداوار (ويلٿ ڪريئيشن) وسيلي ئي ملڪي معيشت ترقي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيف سٽي اٿارٽي، دائره ڪار، ڪارڪردگي ۽ پوليس خدمت مرڪز جي گلوبل پور??ل جاري ڪرڻ تي بريفنگ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.