ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ??رم?? ڪشمير معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪشمير معاملي تي گهري نظر آهي، آمريڪا ڪشمير جي حوالي سان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جيترا اڄ ويجها آهن ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به ناهن رهيا. اهڙن خيالن ج?? اظهار آمريڪي صدر ڊونلڊ ??رم?? وزيراعظم عمران خان سان عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وفدن جي سطح تي ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ??رم?? صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي.