اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب رياست جو ??هم مقصد بڻجي چڪو آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شر??ع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳندو آهي اهو ثابت ڪندو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو ??لزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظا?? حضور ??ه جي دور ۾ شر??ع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو ??واب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.