اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خص??صي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته هڪ طرف وزيراعظم عمرا?? خان جي ص??ارت ۾ پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻي طرف انتشار، فساد ۽ عوام جي ترقي جو رستو روڪڻ جا منصوبو بڻايا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? ته پوري قوم ڏسي ??هي آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي ايجنڊا ۽ ترجيح آهي، هن چي?? ته مولانا صاحب! اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، چار سالن جي لاءِ اتنظار ڪريو.