اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ بوسنيا ??رزيگووينا اتفاق ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ کي قبول نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته بوسنيا، هرزيگووينا پريذيڊنسي جي چيئرمي?? شفيق جعفر ووچ چيو آهي ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو معاملو اهم آه??، ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خ??ن ۽ بوسنيا، هرزيگووينا جي پريذيڊنسي جي چيئرمي?? شفيق جعفر ووچ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي ڪيو.