اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته تعليمي سال 21 -2020ع لاءِ احساس ا??ڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ آن لائن پورٽل کوليو ويو آهي، ملڪ جي 119 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ ا??ڊر گريجوئيٽ پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سمورا شاگرد اسڪالرشپ ڏيڻ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، جن شاگردن جي فيملي انڪم 45000 روپين کان گهٽ آهي احساس اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا، اهل ۽ مستحق شاگر آن لائين پورٽل https://ehsas.hec.gov.pk جي ذريعي درخواست ڏئي سگهن ٿا، اسڪالرشپ درخواست ۾ لاڳاپيل يونيورسٽين جو نالو لکڻ ضروري آهي، تعليمي سال 20 -2019ع ۾ مجموعي طور تي 4.827 ارب روپين جي لاڳت جون ا??ڊر گريجوئيٽ اسڪالر??پس شاگردن ۾ ورهايون ويون، وزيراعظم عمران خان 4 ??ومبر 2019ع تي ”احساس اسڪالر??پس پروگرام“ جو باضابطه افتتاح ڪيو هو، ان پروگرام تحت هر سال گهٽ آمدني وارن گهراڻن سان تعلق رکندڙ 50000 ا??ڊر گريجوئيٽ شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا، ان چار ساله پروگرام مان 200000 شاگر مستفيد ٿيندا.