اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اس??يڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي ترقي جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اس??مبلي ۾ سموريون سياسي پارٽيون قومي اهميت ??ي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر موجود سمورين سياسي پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي اس??مبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورو??ا وبا جي باوجود قومي اس??مبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اس??يڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجو?? سياسي پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.