اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ??هي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اين آر او جي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ??هي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو ??هي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان حڪومت جي درخواست تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ??ولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ لاءِ ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اج??اس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي ??شڪ??اتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اج??اس کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمرا?? خان ان حوالي سان چيو ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري ??هي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.