رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
نگران ايڊيٽر: شوڪت علي چانڊيو
سنڌ جي سڀ کا?? وڏو ضلعو ٿرپارڪر جيڪو سدائين غربت، بُک ۽ بدحالي، صحت ۽ تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي جيئري جاڳندي تصوير آهي، جيتوڻيڪ قدرت هن علائقي کي ڪوئلي، گرينائٽ ۽ لوڻ جهڙن وڏن زخيرن سان سان نوازيو آهي، ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي وانگر لوڻ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، سوين ايڪڙ?? تي پکڙيل لُوڻ کاڻين مان روزانو هزارين ٽن لُوڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه موڪليو وڃ?? ٿو، ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو فراهم ڪندڙ لوڻ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو نه ملڻ جي ڪري اهي ذخيرا ماڻهُن لاءِ لاڀائتا ثابت ناهن ٿي سگهيا، ٿر جو لوڻ ڏيساور وڃڻ باوجود مزدوري ڪندڙن جي حالت بهتر ناهي ٿي سگهي، مواصلاتي رابطن کا?? ڪٽيل هُجڻ سبب مزدور پنهنجي حقيقي اجرت کا?? به بي خبر ٿي چند روپي?? تي مزدوري ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ مختلف قسم جُون بيماريُون آهن، اي پي پي جي تحقيقاتي رپورٽ موجب لوڻ جي کاڻي?? تي مزدوري ڪندڙ مزدورن ۽ مختلف ذريعن جي انگن اکرن موجب ٿرپارڪر ۾ هڪ سو کا?? وڌيڪ لوڻ جو?? کاڻيون موجود آهن، جنهن ۾ سارڻ، سڌوئي، ڊاگو، گڀڻ، هٿڻي، ٽوڀو، هٿرائي، گجيواري، گڙهو، سينگالو، جکنور، ٽيپاريو، موکائي، دونهائي، ڪونرل ۽ ٻيون لوڻ جُون کاڻيون شامل آهن،
جتي لوڻ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جتان روزانو هزارين ٽن کا?? وڌيڪ لوڻ پاڪستان سميت ڏيساور جي ملڪن ڏانهن وڃ?? ٿو، لوڻ جي کاڻي?? تي هزارن جي تعداد ۾ ٿر سميت پوري ملڪ جا مزدور ڪم ڪن ٿ??، ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ کاڻين جو لوڻ به بهترين معيار جو آهي جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، روزانه هزارين ٽن کا?? وڌيڪ لوڻ ٿرپارڪر مان پوري ملڪ ڏانهن ٽرالرن وسيلي وڃ?? ٿو، ٿر جو لوڻ معياري هُجڻ جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، ٿرپارڪر ۾ برساتُون پوڻ کا??پوءِ انهن لوڻ کاڻين ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ ڪجهه وقت کا?? پوءِ قدرتي لوڻ ۾ تبديل ٿي وڃ?? ٿو، لوڻ کاڻين واري زمين ڪلراٺي هُجڻ جي ڪري پاڻي لوڻ ۾ تبديل ٿي وڃ?? ٿو، لوڻ کاڻين جي ليز سنڌ حڪومت جو مائنز ۽ منرل کاتو جاري ڪندو آهي، ليز وٺندڙ هر سال ايراضي جي لحاظ کا?? مقرر رقم رائلٽي طور مائنز ۽ منرل کاتي وٽ جمع ڪرائيندا آهن، جڏهن ته لوڻ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو نه ملڻ ۽ ان کي منافع بخش ڪاروبار نه سمجهڻ جي ڪري ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏسڻ سبب مزدور مشڪلاتن جو شڪار آهن، جڏهن ته روز هزارين ٽن لوڻ ڪڍندڙ مزدور مواصلاتي رابطو نه هُجڻ ۽ اڻپڙهيل هُجڻ جي ڪري اڄ به ڪجهه روپي?? تي مزدوري ڪرڻ تي مجبُور آهن ۽ پنهنجي پورهئي سان پيٽ جي بُک اجهائڻ بدران مختلف بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومتي سطح تي لوڻ جي کاڻي?? تي صحيح نموني ڌيان ڏيڻ سان ٿ?? مان بيروزگاري جو وڏي پئماني تي خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ تبديل ٿي سگهي ٿي.
ايشيا کنڊ جي مشهور لوڻ کاڻ سارڻ جو سن به ٿر ۾ آهي، سارڻ جو سن نالي لوڻ کاڻ ڏيپلو تعلقي کا?? ڏکڻ طرف ويهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ سارڻ ۾ آهي، جتان ڪافي سالن کا?? لوڻ نڪري رهيو آهي، ٿر ۾ سڀ کا?? پهرين لوڻ سارڻ جي سن مان نڪتو هو ۽ اها ٿر جي قديم کاڻين مان آهي، جيڪا 100 ايڪڙ?? تي پکڙيل آهي، سارڻ جي سن جو لوڻ اڄ به پوري ملڪ ۾ مشهور آهي، سارڻ جي سن جو لوڻ صاف سٿرو هجڻ سان گڏ اعليٰ معيار جو هجڻ جي ڪري مشهور آهي، جنهن جي ملڪي سطح تي وڏي گهرج آهي، سڄي ملڪ جا واپاري ۽ فيڪٽري مالڪ اڪثر ان لوڻ جي گُهر ڪندا آهن. ٿرپارڪر ۾ وڏي انگ ۾ موجود لوُڻ کاڻيون ڪيترن ئي ايڪڙ?? تي پکڙيل آهن جن ۾ موکائي نالي لُوڻ کاڻ 250 ايڪڙن، ڊاگو 150 ايڪڙن، ڊاگو ٽو، 180 ايڪڙن، هتڻي 100 ايڪڙن، ڊاڀڙو 150 ايڪڙ?? تي پکڙيل آهي، جن مان روزانو هزارين ٽن لوڻ نڪري ٿو ڪنهن پاڪستان جي ڪنهن به به صوبي ۾ ايڏي وڏي مقدار ۾ لُوڻ جا ذخيرا صرف ٿرپارڪر ۾ آهن ۽ انه?? تي ڌيان نه ڏيڻ سان مزدور طبقي لاءِ ڪوبه لاڀ حاصل نه سگهيو آهي.
ٿرپارڪر جو لوڻ ملڪ جي ڀاڻ فيڪٽرين ۽ چمڙي جي ڪارخانن سميت دنيا جي سرد ملڪن ڏانهن وڏي مقدار ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، ٿر جو لوڻ ڀاڻ ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو وڃ?? ٿو، پاڪستان جي مشهور اينگرو ڀاڻ ڪمپني به لوڻ ٿر مان خريد ڪري ٿي، ان کا??سواءِ پوري ملڪ ۾ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي به لوڻ ٿر مان فراهم ڪيو وڃ?? ٿو، جنهن جي لاءِ روزانو سوين وڏا ٽرالر لوڻ سان ڀرجي وڃ?? ٿا، جڏهن ته کاڌي پيتي لاءِ لوڻ شهرن ۾ دڪان?? تي به وڏي مقدار ۾ وڪرو ٿئي ٿو، لوڻ جانورن جي کلن کي هڻڻ جي به ڪم اچي ٿو، جنهن سان جانورن جو کلون بدبوءِ نه ٿيون ڪن، ٿر سميت پوري ملڪ ۾ چمڙو وٺندڙ دڪاندار چمڙي کي لوڻ هڻي رکندا آهن، جنهن سان چمڙو خراب نه ٿيندو آهي ۽ ان کي ڪيئُون ناهي لڳندو، ان کا??سواءِ دنيا جا سرد ملڪ برف کي ڳارڻ جي لاءِٿر جو لوڻ استعمال ڪندا آهن، جن کي اهو لوڻ سستو ملي ٿو۔
ٿر ۾ موجود وڏي مقدار ۾ لوڻ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو نه ملڻ جي ڪري لوڻ سستي اگهه تي وڪرو ٿئي ٿو ۽ مزدورن جي مزدوري نه هُجڻ جي برابر آهي، جڏهن ته ميڊيا جي پهچ نه هُجڻ جي ڪري مزدور پنهنجي حقن کا?? محروم آهن، جڏهن صنعت جو درجو نه ملڻ جي ڪري اربين روپين جي ڪاروبار تي حڪومت کي رائلٽي نه هُجڻ جي برابر ملي ٿي، جنهن سان حڪومت سميت لوڻ ڪڍندڙ مزدورن کا?? ويندي لوڻ وٺي وڪرو ڪندڙ واپارين کي مناسب اگهه نٿو ملي، اي پي پي سان ڳالهائيندي لوُڻ کاڻي?? تي مزدوري ڪندڙ مزدورن عمران علي، عرفان علي مريداڻي، جمعون سومرو، عارب سُومرو، يامين، خميسو، موسيٰ راهمُون، ڪرشن ڪولهي، جڳتو ۽ والهو ڪولهي چيو ته اسان کي پنجاهه ڪلو جي ٻوري جا صرف ست کا?? اٺ روپيا ملن ٿ??، هڪ مزدور روزانو چاليهه کا?? پنجاهه لوڻ جُون ٻوريون مشڪل سان ڪڍي ٿو، جنهن جا کين مشڪل سان 400 روپيا ٺهن ٿ??، جڏهن ته لوڻ کاڻ مان ٻوريُون کڻي ٽرالر ۾ لوڊ ڪرڻ تي في ٻوري ٻه کا?? اڍائي روپيا مزدوري ڏني وڃ?? ٿي، جڏهن ته 50 ڪلو واري ٻوري فيڪٽرين، دڪانن، ڪارخانن توڙي ٻين هنڌ?? تي وڏي اگهه ۾ وڪرو ٿئي ٿي، جڏهن ته لوڻ جي واپارين جو چوڻ آهي ته لوڻ کي صنعت جو درجو ملي وڃ?? ته سڀ کا?? وڌيڪ فائدو مزدورن کي ملندو. ٿرپارڪر جي لوڻ کاڻي?? تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي ڪا به سهولت مهيسر نه هُجڻ جي ڪري اهي مزدور ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، لوڻ جي کاڻي?? تي ڪم ڪندڙ مزدور اڪثر ڪري چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃ?? ٿا، مزدورن جا هٿ ۽ پير لوڻ جي ڪري زخمي ٿي وڃ?? ٿا ۽ انهن جا ڦٽ ناسور بڻجي وڃ?? ٿا جنهن جي ڪري ڪجهه وقت کا??پوءِ اهي مزدور ڪم ڪرڻ جي قابل نٿا رهن، اي پي پي سان ڳالهائيندي لوُڻ کاڻي?? تي مزدوري ڪندڙ مزدورن اشرف علي بجير ۽ محمد ايوب پاڙهو چيو ته ٿرپارڪر ۾ هڪ سو کا?? وڌيڪ لوڻ جي کاڻي?? تي ڪٿي به صحت جي سهولت نه آهي ۽ نه ڪا ليبر کاتي پاران ڪا اسپتال قائم ٿيل آهي، جڏهن ته انهن مزدورن جي لاءِ ٻارن جي تعليم پڻ وڏو مسئلو آهي، ۽ انهن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاران ڪوبه اسڪول قائم ٿيل نه آهي، جنهن جي ڪري انهن جا ٻار ننڍپڻ ۾ ئي لوڻ ڪڍڻ جي ڪم کي لڳي وڃ?? ٿا ۽ انهن لاءِ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جا ڪي به موقعا ميسر نه آهن۔
ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ جي کاڻين مان مختلف طريقن سان لوڻ ڪڍيو وڃ?? ٿو جنهن ۾ مزدورن پاران هٿن کا??سواءِ ٽريڪٽرن سان به لوڻ گڏ ڪيو وڃ?? ٿو، مزدورن جي وڏي انگ ۾ بيمار ٿيڻ جي ڪري ڪجهه وقت کا?? هاڻي ٽريڪٽرن جي وسيلي لوڻ گڏ ڪيو وڃ?? ٿو، ان کا?? علاوه لوڻ کڻڻ لاءِ ڪرين مشين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جو به استعمال ڪيو وڃ?? ٿو، جنهن سان لوڻ کي هڪ هنڌ وڏي تعداد ۾ جمع ڪري پوءِ صاف ڪيو وڃ?? ٿو، صاف ٿيڻ کا??پوءِ لوڻ کي ٻورين ۽ ٽرالرن ۾ ڀري موڪليو وڃ?? ٿو.
سنڌ جي زرعي ماهرن موجب ٿرپارڪر ۾ لوڻ جو?? فيڪٽريون لڳائڻ سان ٿ?? مان بيروزگاري جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، ٿر جي لوڻ کاڻين مان نڪرندڙ لوڻ کي صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ فلٽر ڪرڻ ۽ پيڪنگ ڪرڻ جو?? فيڪٽريون ٿ?? ۾ لڳائڻ سان ٿ?? جا هزارين بي روزگار ماڻهو روزگار ڪمائي سگهن ٿ??، هن وقت ٿر ۾ ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني جا ٻه کا?? وٺي ٽي اهڙا ننڍا پلانٽ لڳل آهن جتي لوڻ ڪڍڻ کا??پوءِ صاف ڪرڻ ۽ پيسائي ڪرڻ تائين جو ڪم ڪيو وڃ?? ٿو، انهن پلانٽ?? تي سوين مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي مزدور پندرهن هزار کا?? ويهه هزار تائين في مهينو پگهار کڻن ٿ??، ٿرپارڪر ۾ هڪ سو کا?? وڌيڪ ننڍيون ۽ وڏيون لوڻ جو?? کاڻيون موجود آهن، جيڪڏهن انهن مان نڪرندڙ لوڻ کي صاف ۽ فلٽر ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ئي فيڪٽريون لڳايون وڃ?? ته ٿرپارڪر جا هزارين خاندان خوشحال زندگي گذاري سگهن ٿ??۔
سنڌ جي زرعي ماهرن چيو آهي ته ٿر جي لوڻ تي تحقيقات ٿيڻ گهرجي، لوڻ کاڌي پيتي کا??سواءِ زندگي جي مختلف شين ۾ ڪم اچي ٿو، دوائن جي تياري ۾ به لوڻ استعمال ٿئي ٿو
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي زرعي تعليم ۽ توسيع ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ليمن جي پوکيءَ لاءِ سوڊيم جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ وٿاڻ جي ڀاڻ سان گڏ لوڻ کي ملائي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ جي کاڻي?? تي تحقيقات ڪري سگهي ٿي ۽ ان کا??سواءِ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڪئمپس ۽ ٿر فائونڊيشن وارن کي به ان حوالي سان تحقيقات ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر ڪنڀر چيو ته لوڻ نه رڳو کاڌي پر دوائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. ٿرپارڪر ۾ لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن جنهن جي بهتر استعمال جي لاءِ حڪومت کي ڪوششون وٺڻ گهرجن. لوڻ کي اينگرو، فوجي فرٽيلائيزر سميت ڀاڻ جو?? وڏيون فيڪٽريون استعمال ڪن ٿيون. هن چيو ته اڇري ٿر ۾ پڻ لوڻ جو?? کاڻيون آهن، ان کي صنعت جو درجو وٺرائڻ گهرجي
جڏهن ته زرعي يونيورسٽي جي سوائل سائنس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته لوڻ ڀاڻ ٺاهڻ جي استعمال نه ٿو ٿئي، ٿي سگهي ٿو ٿورو گهڻو استعمال ٿيندو هجي پر لوڻ ته زمين لاءِ خطرناڪ آهي، باقي پوٽاش جي تياري ۾ ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪجهه مقدار استعمال ٿيندو هجي. سوڊيم ڪلورائيڊ ۾ به لوڻ جو استعمال ٿيندو آهي. هن چيو ته ٿڌن ملڪن ڏانهن لوڻ ان جي لاءِ گهڻي مقدار ۾ وڃ?? ٿو جو اتي ان جي کوٽ آهي. هن چيو ته اسان وٽ لوڻ جو گهڻو استعمال کاڌي پيتي جي حوالي سان آهي، جڏهن ته زراعت جي حوالي سان ان جو ايترو استعمال نه آهي.