اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ۽ مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مخالف ڌر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ??لڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري اڄ ??لڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ??لڪ جي موجوده معاشي صو??تح??ل جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، ڇا مخالف ڌر انهي جي ڪري احتجاج ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، 35 سال حڪومت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي اچڻ سان ??لڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن جو مخالف ڌر کي تمام گهڻو افسوس آهي، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي سامهون آهن. ان ۾ مخالف ڌر جي اها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري حڪومت تي ??جه?? ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخالف ڌر جي ذميواري آهي ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آهي ته مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي هن ??لڪ ۽ ??لڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.