اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عو??م جي مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ ??هي، تعميراتي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعميراتي شعبي جي فروغ سان معاشي عمل تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، حڪومت تعميراتي شعبي جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، مختلف سرڪاري ادارن جي ملڪيت ۾ رياستي ملڪيتن کي تعميرات خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن ??يالن جو اظهار هن تعميراتي شعبي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.