اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني گهيراءُ ??ري ڪشميري عوام جا انساني حق پائمال ??ري رهيو آهي، ڀ??رت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو پيدا ??ري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن آسيان جي پارليامينٽ ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.