اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان پاڪستان ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ س??ير تاپاس اڌيڪاري الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيپالي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۽ نيپال ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ س??ير اڌيڪاري جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻ??هي ملڪن ??ي وچ ۾ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. س??ير اڌيڪا??ي وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سفارتي عرصي ۾ سندس پاران ڏني ويندڙ حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.