اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ترڪ بحريه پاڪ بحر??ه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ بحر??ه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحر??ه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيو??ٽي جي لاءِ پاڪ بحر??ه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحر??ه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خا?? طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.