اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومت جي معاشي ٽ??م جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي ۽ انهن کي مراعتون ڏيڻ، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، پاڪستان ٺاهيو سرٽيفڪيٽس جي تشهير، عالمي ادارن جي تعاون سان جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو، نقصان ۾ وين??ڙ بيمار سرڪاري ادارن (سڪ يونٽس) جي بحالي جي لاءِ قدمن جهڙن اهم ????ام??ن تي غور ڪيو ويو.