اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي ??ور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ س??ام??ي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي ??ڪومت پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي ??ي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي ??نيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختل?? ۽ ??مايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.