راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل ??ويد اشرف سان مل??قات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري ??راڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. مل??قات ۾ ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، ??حري ??نگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.