راولپنڊي-13 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته مادر وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ عظيم ناهي، شهيدن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ا??س پي آر موجب هو جي ايڇ ڪيو ۾ آپريشنز دوران بهادريءَ جو مظاهرو ڪندڙ فوجي جوانن ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي ??طا?? ڪري رهيو هو. آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن کي ميڊلز، ستاره امتياز (ملٽري) ۽ تمغه بسالت سان نوازيو. شهيدن جا تمغا سندن خاندان وصول ڪيا. آرمي چيف ج?? چوڻ هو ته قوم جي آزاد?? ۽ ??لامتي پنهنجي بهادر جنگجوئن جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد ۽ غازي اسان جا هيروز آهن، اسان جا شهيد درحقيقت قوم لاءِ ا??يد ۽ استقامت جو ڪِرڻو آهن.