سکر – 26 8211; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ج?? دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي جي ڪمن تي ب??يف??گ ڏني. سکر ۾ ب??يف??گ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي. ب??يف??گ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي ب??يف??گ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ متاثرين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم مح??د شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي.