اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ جي سربراهي ۾ آسٽريلين وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان هڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست پا??يسي اختيار ڪئي آهي تنهن ڪري غير ملڪي سيڙپڪارن کي لبرل سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سيڙپڪاري پا??يسي غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪندي آهي.