اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان هراسيت جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اداري جي ڪردار ج?? باري ۾ بريفنگ ڏني. صدر کي بريفنگ ڏيندي هراسيت جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق چيو ته وفاقي محتسب جلد انصاف فراهم ڪيو ۽ 93 سيڪڙو رجسٽرڊ ڪيس اڪلايا ويا آهن، محتسب سيمينارز ۽ پريس ڪانفرنس?? جي انعقاد سان آگاهي پيدا ڪئي، صدر ماڻهن کي تيز تر ۽ س??تي انصاف جي فراهمي ۾ اداري جي ڪردار کي ساراهيو.