اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو ترقي يافته ۽ روشن پاڪستان جو بيانيو آهي، آمريڪي ص??ر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي سرزمين تي بيهي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان سفارتي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپ??رٽ?? بورڊ اسلام آباد ?? جاپان ڪراٽي ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ ڇهين جي ڪي نيشنل ڪراٽي ڪيمپ جي عنوان سان ايجوڪيشن ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.