اس??ام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان متحده عرب امارات جي رواداري واري وز??ر شيخ نيهان بن مبارڪ النيهان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻه طرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ملاقات وز??راعظم هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.