سيالڪوٽ – 22 نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي درخواستن سان گڏ تحريڪ انصاف جي درخواستن کي به گڏائي ٻڌي، لنڊن جون تصوي??ون ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب کي ڪهڙي تڪليف آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته نواز شريف پنهنجي علاج کانپوءِ پاڪستان ۾ اچي، رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي چڪي آهي، انهن کي خبر آهي ته عمران خان ملڪي معيشت کي کڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. جي سي يونيورسٽي سي??لڪوٽ ۾ منعق?? پروگرام بزم اقبال آگاهي پروگرام جي تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد اهڙي پارٽي آهي جنهن جي اندر به جمهوريت آهي.