اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تع??ير??تي منصوبن جي حوال?? سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تع??ير??ت ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوال?? سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوال?? سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن ک?? ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سن?? صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوال?? سان هيستائين مليل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن و??ت تائين 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تع??ير??ت جي حوال?? سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون و??ون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تع??ير??ت جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تع??ير??تي منصوبن جون درخواستون غور هيٺ آهن. سن?? جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سن?? صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.