اسلام آباد – 14 في??رو??ي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس و??تو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيس??ن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيس??ن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيس??ن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيس??ن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس و??تو هو.