اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏيندي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کا?? ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. و??ير??عظم اها منظوري ناله لئي منصوبي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ و??ير??عظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کا?? ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، و??ير??عظم منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.