اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چ??و آهي ته گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ور?? ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر م??ڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر م??زه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چ??و ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ور?? ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جا ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ور?? ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر م??ڪن قدم کڻي رهيا آهيون.