اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صو??ي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ کا?? ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي ??ڪا??ونٽ ٺاهيا ويا.