اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته اعليٰ عدليه جي حڪمن جي باوجود پي ڊي ايم ملتان جلسو، مخالف ڌر توهين عدالت ڪئي آهي، پي ڊي ايم جلسي منتظمين ۽ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي خل??ف ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي، اڳتي به جيڪو عدالتي حڪمن ۽ اين سي او سي سفا??شن تي لڳل پابندين جي خل??ف ورزي ڪندو ان جي خل??ف اهڙي ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪورونا وائرس جي ٻي حياتي کسيندڙ لهر جي ڪري سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي، پي ڊي ايم هاڻي لاهور جلسي جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، انهن کي لاهور جلسي کان نه روڪينداسين پر انهن جي خل??ف قانوني ڪارروائي ضڙور ٿيندي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سڄي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، انهن ماڻهن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالها??و. ??زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اين سي او سي جي سفا??شن جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي.