اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ??ندو، چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جيڪي فنڊز استعمال ٿين انهن ۾ شفافيت هجي، مخالف ڌر ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي لاءِ قانونسازي بڻائي رهيا آهيون، جمهوريت جو مقصد احتساب هجڻ گهرجي،. هو نجي ٽي وي چئنل سان ??الهائيندي هن چيو ته وفاق سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ??راچي پلان ج?? وڏي پئڪيج جو اعلان ??ندو، هن چيو ته بلاول چوي ٿو ته سنڌ ۾ 1800 ارب روپيا لڳايا پر ڪٿي نظر نه اچي رهيا آهن، هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، عوام جو پئسو لڳائڻ وڃي رهيا آهيون ج??هن ۾ شفافيت هوندي، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪريون ٿا، 18 هين ترميم جي ڪري مداخلت نٿ?? ڪري سگهون، مدد ڪري سگهون ٿا.