اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اين سي او سي عوام کي محرم دوران ڪورونا وائرس ايس او پ??ز جي تعميل کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل ڪما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عوام کي گذارش ڪئي ته هو محرم الحرام جي مجلسن ۽ جلوسن دوران ايس او پ??ز تي عمل کي يقيني بنائين ته جيئن ڪورونا وائرس جي موذي مرض کان بچي سگهجي، اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ، حفاظتي رهنما اصولن سان اسڪولن جي ٻيهر کولڻ ۽ ان بيماري ۾ گهٽتائي جي رجحانن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي، فورم وبائي بيماري ۾ گهٽتائي کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان بيماري جي پکيڙجڻ ۾ گهٽتا??ي واقع ٿي آهي.