اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل دل ڪش سياحتي ماڳن ۽ ملڪي سياحتي صلاحيت کي مڪمل طور استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي سياحت جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن کي عملي جامو پ??رائڻ جي لاءِ سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سياحت بابت اعليٰ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي خاص مددگار پرڏيهي ??اڪستانيز اينڊ هيومن ريسوس ڊولپمينٽ (بطور ڪنوينر)، صنعت ۽ پيداوار واري ??زا??ت، گهرو ??زا??ت، دفاع واري ??زا??ت، مواصلات واري ??زا??ت، هوابازي واري ??زا??ت، مذهبي معاملن واري ??زا??ت ۽ ماحولياتي تبديلي واري ??زا??ت جا سيڪريٽريز يا انهن جا نمائندا (جيڪي گريڊ 21 کان گهٽ نه هجن)، سمورا چيف سيڪريٽري ي?? ايڊيشنل سيڪريٽري، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر تي مشتمل هوندي.