اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پارليامينٽ خاص طور تي سينيٽ طرفان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ ڪنهن قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. سعودي عرب پاران هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ کي ڪڏهن وسا??ي نٿا سگه??ن، پاڪستان اسرائيل کي ڪڏهن تسليم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ ??ائوس ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڪيو.