اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ڪراچي ۾ نديءَ نالن جي ??رپاسي قبضن، سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جو جدا جدا نظام نه هجڻ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ??وٽ جي ??ري هڪ ڪلاڪ ۾ 80 کان 83 ملي ميٽر برسات پوڻ جي ??ري ڪراچي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، حڪومت پاران ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ايڪٽ تحت پاڪ فوج سمورن متاثر علائقن تائين پهچي وئي آهي، اڄ سومر تي وڏي پئماني تي ڪم شروع ٿيندو، اسان جو ڌيان هلندڙ مهيني دوران 7، 8 آگسٽ، 15 آگسٽ ۽ 24 کان 26 آگسٽ جي وڏين برساتن سبب امڪاني نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻ آهي، مستقل حل جي لاءِ سمورين ڌرين جو اتفاق راءِ ضروري آهي، دنيا ۾ سالڊ ويسٽ آمدني جو ذريعو جڏهن ته اسان جي لاءِ سالڊ ويسٽ زحمت بڻجي ??ڪو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اين ڊي ايم اي جي ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وفاق پاران مون سون جي سيز دوران امڪاني برساتن جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، ايف ڊبليو او ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، ايف ڊبليو او کي ڪراچي جا اهي علائقا ڏنا ويا آهن جتي وڏا وڏا ندي نالا آهن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪراچي ۾ برساتن بابت اڳڪٿي حاصل ڪري ورتي آهي، 40 کان 65 سيڪڙو برساتن جو امڪان آهي، ان اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اسان پنهنجون تياريون ڪري رهيا آهيون ته جيئن پهرين برسات سان جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو ايندڙ برساتن ۾ نه ٿئي. هن چيو ته هن وقت پاڪ فوج ۽ ان جا لاڳاپيل ادارا ڪراچي ۾ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو مستقل حل نه آهي، اسان کي ڪراچي جي روزانو گڏ ٿيندڙ سالڊ ويسٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن مان رڳو 3، 4 هزار ٽن سالڊ ويسٽ کنيو وڃي ٿو، باقي ندي نالن ۾ وڃي رڪاوٽ بڻج?? وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جو شر??عا??ي جائزو ورتو آهي. هن چيو ته 1995ع ۾ ڪراچي جي نالن جي ويڪرائي 300، 400 ميٽر هئي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي مشڪل سان 3، 4 ميٽر رهجي وئي آهي جڏهن ته نالن جي ??رپاسي قبضن جي پڻ ڀرمار ٿي وئي آهي. ٻئي طرف سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جي لاءِ جدا نظام نه آهي، انهي لاءِ پاڻي نڪر?? وڃي ٿو ۽ سيوريج پٺتي رهج?? وڃي ٿي جنهن سان پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ اسان کي نديءَ نالن ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو آهي، ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ٻئي مرحلي ۾ سمورين ڌرين کي ويهاري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪالي جي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ اسپارڪو جي مدد سان پاڻي جي روٽ کي پڻ ڏٺو ويندو.