لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ ص??ت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوه??ڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۾ ص??ت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل ص??ت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ص??ت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو ا??هار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ص??ت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.