اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس بابت تازا ان?? اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذ??يل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 هزار 965 مريض ڪورونا وا??رس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي، انهن علائقن ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو مشورو آهي ته جيئن ته عوام گذ??يل 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، ماسڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو اهڙي طرح عيدالاضحيٰ دوران به اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان سان انتظاميا کي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورونا وا??رس جي ڪري گذ??يل 24 ڪلاڪن ۾ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا. گذ??يل 24 ڪلاڪن ۾ 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جا 9 هزار 317، پنجاب جا 7 هزار 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، اسلام آباد جا 2078، بلوچست??ن جا 505، گلگت بلتست??ن جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.