اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لا??ِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف ورزي تي س??ت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪر?? جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير س??يت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف س??ت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪر?? کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لا??ِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪر?? گهرجي.