اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ 200 ارب رپين جي رليف پئڪيج ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال کان سخت متاث?? ٿيند?? مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ 75 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي، ??ن قدم سان وڌيڪ 60 لک خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ??جلاس ۾ بلوچستان حڪومت جي 19 منصوبن جي لاءِ 606 ملين ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي لاءِ 7 ملين رپين سميت ڪيترين ئي ضمني گرانٽس جي منظ??ري ڏئي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.