اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گ??دي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ ??هرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سه??لت?? جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ ??هرجي ته جيئن روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گ??دي واري شهر اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي ??عاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سه??لت?? جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.