اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته بي?? الافغان مذاڪرات منعقد ڪرڻ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دنيا پا??ستان جي موقف تسليم ڪري رهي آهي، افغان امن عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن دوحه ۾ بي?? الافغان مذاڪرات جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ قطر جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت ??ي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پا??ستان طرفان افغانستان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق دوحه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان جو موقف هميشه اهو ئي رهيو آهي ته افغان مسئ??ي جو حل طاقت ذريعي ممڪن ناهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڄ سڄي دنيا پا??ستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.