اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پ??اهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳ??لهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرفان گذريل مهيني اسلام آباد ۾ پناهگاهن کي ماڊل پ??اهگاه بڻائڻ جي هدايت کانپوءِ اهو پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار سان ڏهاڙي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، وزيراعطم مي??يا آفيس موجب آئنده ٽن مهينن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن کي ري ماڊل ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پناهگاهن کي ري ماڊل پ??اهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراعظم کي پناهگاهن ۾ انتظامي معاملن ۽ سڌارن جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو.