اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين م??اري چيو آهي ته هندو بالادستي جي فلسفي تي عمل پيرا مودي حڪومت نازي فلسفي کي زنده رکيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي لڳايل ڪرفيو ۽ فوجي گهيرو اڃا پڻ جا??ي آهي. پنهنجي ٽويٽر بيان ۾ ڊاڪٽر شيرين م??اري چيو آهي ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ڪشمير جي ڀارت سان غيرقانون الاٽ کي هڪ سال گذري چڪو آهي جيڪو هڪ جنگي ڏوهه آهي. ڪرفيو لاڳو ڪرڻ بعد علائقي جو 5 آگسٽ 2019ع کان شروع ٿيل فوجي گهيرو اڃا جا??ي آهي. هن چيو ته هن وقت مودي فاشسٽ جي گهٻراهٽ عروج تي آهي.