اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدا??اض??يٰ جي موقعي تي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر ق??م جي قرباني جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪري، قرباني جي عيد جي هن موقعي تي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن عيدا??اض??يٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر عيدا??اض??يٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو ??سان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ما??هن کي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي ??زر?? هستيون انهن امتحانن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر ق??م جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.