اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ورلڊ بئنڪ (پاڪستان) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿوا لانگوان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان ۾ قيام دوران تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معيشت جي ا??تحڪام ۽ ڪوويڊ 19 جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ سڌارن جي ??جموعي عمل کي ساراهيو.