اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسل??مي يونيورسٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي من??وري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسل??مي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسل??مي يونيورسٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪي??. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسل??مي يونيورسٽي علم ??کڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تعليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.