اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد ??مر ۽ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن وا??ي خصوصي معاون عثمان ڊار جي صدارت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نادرا جي سي??يئ?? آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪامياب جوان يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي فنانشل انڪلوزن ۽ انهن کي معاشي طور تي بااخ??يا?? بڻائڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.