اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره ??زي??اعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قمر زمان ڪائره ??زي??اعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگا??ي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.